شهباز شريف وري نيب جي نشاني تي، بهاولپور ۾ زمين منتقلي جي انڪوائري

راولپنڊي (م ڊ) شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر نيب جي نشاني تي اچي ويو. قومي احتساب بيورو (نيب) جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ 5 انويسٽيگيشنز ۽ 11 انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي آهي.  نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي  صدارت هيٺ نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو . نيب  بهاولپور سيٽ لائيٽ ٽائون ۾ سرڪاري زمين من پسند ماڻهن کي منتقل ڪرڻ جي الزام هيٺ شهباز شريف خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني. شهباز شان گڏ اڳوڻو وفاقي وزير بليغ الرحمان به شامل آهي.  نيب پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پسني فش هاربار اٿارٽي منير احمد ۽ ٻين خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي. نيب موجب جوابدارن تي مبينا طور اختيارن جي ناجائز استعمال سميت سرڪاري فنڊن ۾ گھوٻين جو الزام آهي. نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته ميگا ڪرپشن ڪيسن جي جوابدارن کي قانون موجب منطقي انجام تائين پهچائڻ نيب جي ترجيح آهي، نيب 3سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ 533 ارب رپيا بدعنوان عنصرن کان هٿ ڪيا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.