سنڌ ڪابينا ۾ تبديلين جو فيصلو، هري رام، نثار کهڙي، اسماعيل راهو کان کاتا واپس وٺڻ جو امڪان

ڪراچي(رپورٽر+م ڊ) سنڌ ڪابينا ۾ تبديلين جو فيصلو، ٻن وزيرن کان کاتا واپس وٺڻ سان گڏ ٽي  وزير ۽ 3 خاص معاون ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جا امڪان، ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه جي صلاح مشورن کانپوءِ اقليتي ۽ خوراڪ کاتن جي وزير هري رام ڪشوري لال ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي صلاحڪار نثار کهڙي کان کاتا واپس ورتا ويندا، جڏهن ته آبپاشي ۽ عشرزڪوات کاتي جي وزير سهيل انور سيال کان کاتا واپس وٺڻ کانپوءِ کيس گهرو کاتي جو قلمدان ملڻ جو امڪان آهي،صوبائي وزير اسماعيل راهو کان به قلمدان واپس وٺڻ جو امڪان آهي،  جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ ۽ صلاحڪار اعجاز شاهه شيرازي جي فوت ٿيڻ بعد ساجد جوکيو کي صوبائي وزير ۽ رياض شاهه شيرازي کي صلاحڪار بڻايو ويندو، ان کانسواءِ منظور وساڻ،قيوم سومرو، ارباب لطف الله، لياقت آسڪاني، تنزيله قمبراڻي کي به خاص معاون طور ذميواريون ملڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن، ڄام خان شوري کي به وزارت ملڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ميمبرن جي حلف برداري تقريب سڀاڻي(اڄ) گورنر هائوس ۾ شام 7 وڳي ٿيندي. هوڏانهن سما نيوز موجب ڄام خان شورو، سيد ضيا عباس شاهه ۽ ساجد جوکيو وزيرطور حلف کڻندا، جڏهن ته منظور  وساڻ کي زراعت بابت صلاحڪار بڻايو ويندوجڏهن ته سردار شاهه کي سعيد غني جي جاءِ تي تعليم وارو وزير بڻايو ويندو، اهو به امڪان آهي ته ناصر شاهه کان هڪ کاتو واپس ورتو ويندو، ڄام خان شوري کي آبپاشي ۽ ضيا عباس شاهه کي ورڪس اينڊ سروسز جا کاتا ڏنا ويندا، ساجد جوکيو کي سماجي ڀلائي وارو وزير بڻايو ويندو، لياقت آسڪاني کي ڪچي آبادي، تنزيله قمبراڻي کي آءِ ٽي، فياض ٻٽ، ارباب لطف الله، رسول بخش چانڊيو، گيانچند ايسراڻي کي خاص معاون بڻايو ويندو، قاسم نويد قمر کي بورڊ آف انويسٽمينٽ جو خاص معاون ۽ تيمور ٽالپر کي ٻيلي کاتي جون ذميواريون ڏنيون وينديون، اسماعيل راهو کي يونيورسٽيز بورڊ جي معاملن جي ذميواري ملڻ جو امڪان آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.