لڳي ٿو چين عاصم باجوا کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هوندو: صحافي

اسلام آباد( م ڊ) سي پيڪ اٿارٽي جي سربراهي تان عاصم سليم باجوا کي هٽائڻ بابت سوشل ميڊيا تي بحث جاري آهي، صحافين باجوا  جي استعيفيٰ جو ڪارڻ چين جي ڪاوڙ ۽ مطالبو ٻڌائي رهيا آهن. عاصم سليم جي دور جي صورتحال تي سوال اٿاري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ صحافي ٽام حسين چيو ته لڳي ٿو چين عاصم باجوا کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هوندو. ڇاڪاڻ ته داسو ۾ چيني انجنيئرن تي حملي بعد سي پيڪ اٿارٽي جي سربراهه عاصم سليم باجوا جي ڪارڪردگي تي اندر ئي اندر سوال اٿي رهيا هئا. ان سلسلي ۾ صحافي مطيع الله جان سوال اٿاريو ته داسو ۾ چيني انجنيئرن جي سلامتي جي ذميواري ڪنهن جي هئي؟:.  مطيع الله جان چيو ته سي پيڪ اٿارٽي سربراهه طور پرڏيهي انجنيئرن جي سيڪيورٽي تي ڪير نظر رکي. سوشل ميڊياتي هڪ صارف چيو ته عاصم سليم باجوا  جي ٻن ورهين ۾ سيپيڪ جي  گڏيل ڪميٽي جو اجلاس به نه ٿيو ، جيڪو وڏي معنيٰ رکي ٿو. هڪ صارف تنقيد ڪندي چيو ته هڪ سال تائين سي پيڪ آرڊيننس جو مدو ختم ٿيڻ باوجود باجوا ڪم ڪندو رهيو. حمزا ۽ ٻين ڪجهه سوشل ميڊيا ورڪرن عاصم سليم جي ساراهه ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.