بدين لڳ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ قتل، ٻه زخمي، جوابدار به آپگهات ڪري ڇڏيو

بدين (رپورٽ: رازق ڏنوکوسو) بدين ڀرسان خاصخيلي برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو، هٿياربند ھڪ ڄڻي کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ تي به  فائر کولي ڇڏيا.  بدين ڪڍڻ  روڊ لڳ ڳوٺ رئيس  نبي بخش ڀرڳڙي ڀرسان خاصخيلي برادي جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو  ٿي پيو ان دوران جوابدار علي نواز خاصخيلي  بندوق جا فائر ڪري ڪريم بخش خاصخيلي  کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ٻن ڄڻن احسان خاصخيلي ۽ اسحاق خاصخيلي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. پوليس جي چوڻ موجب  جوابدار پاڻ تي فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو ٻن ڄڻن جا لاش ۽ زخمي ٿيندڙ کي انڊس اسپتال پھچايو ويو آهي. فوتي جي وارثن الزام هڻندي چيو ته علي نواز خاصخيلي بندوق جا فائر ڪري ڪريم بخش خاصخيلي کي قتل ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.