ڪراچي جي اسپينسر آءِ اسپتال تي عوام جي رش، ايس اوپيز نظرانداز

ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) ڪراچيء جي اسپينسر آء اسپتال (اکين جي اسپتال) تي عوام جي رش حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪرڻ وارا حڪم نظرانداز ، انتظاميا جون دعوائون ڌوڙ پوليس ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ  ۾ ناڪام ڪراچي جي اسپينسر آءِ  اسپتال  (اکين جي اسپتال) تي عوام جي رش سبب ويڪسين جو ٻيو ڊوز لاءِ ايندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته سڄو ڏينهن لائن ۾ بيھڻ بعد اسپتال عملي پاران چيو پيو وڃي ته ويڪسين ختم ٿي وئي تنهن ڪري سڀاڻي اچجو  نادرا  پاران ڪوڊ جاري نٿو ڪيو وڃي ويڪسينيشن جو عمل تمام سست رفتاري جو شڪار آهي جنهن سبب بزرگ شھري بلڊ پريشر شوگر جا مريض سڄو ڏينهن لائنن ۾ بيھي وڏي پريشاني مان گذري رھيا آهن ان سلسلي ۾ ويڪسين ڪرائڻ لاء آيل ماڻهو حڪومت کان مطالبو ڪيو ته وڌيڪ ويڪسين سينٽر ۽ عملو مقرر ڪري ويڪسينيشن وارو عمل تيز ڪيو وڃي  ان ڏس ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي  سينيئر  ڊائريڪٽر  ميڊيڪل ڪي ايم سي ڊاڪٽر عبدالحميد جماڻي ايم ايس ڊاڪٽر جبار انصاري مبينا طور پيسا وٺڻ واري لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته اھڙي قسم جا الزام بي بنياد آهن جيڪڏهن اسپتال انتظاميا جو ڪوبه ملازم اھڙي غيرقانوني ۽ غيراخلاقي عمل ۾ ملوث هوندا ته سندس خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي اسپينسر آء اسپتال اندر روز جي بنيادن تي 350 کان وڌيڪ ماڻهون کي ويڪسين ڪئي پئي وڃي حڪومت مفت ويڪسين ڏيڻ کانسواء ڪنهن به قسم جو سهڪار  نه پئي ڪري اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪري رھيا آھيون اسپينسر آءِ  اسپتال کي فنڊز نه ھجڻ سبب اسپتال خساري جو  پڻ شڪار آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.