بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس: عدالت پوليس کي وڌيڪ گرفتارين کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ هڪ ئي واقعي ۾ هڪ کان وڌيڪ ايف آءِ آرون داخل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي.

عدالت ۾ ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه سميت وڪيل برادري جو وڏو انگ ٻڌڻي دوران پيش ٿيو، عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي روسٽرم ۾ طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين جاچ ڪئي اٿوَ؟

جنهن جي جواب ۾ جاچ آفيسر چيو ته جاچ ڪري رهيا آهيون، عدالت وري پڇاڻو ڪيو ته ڪا اڳڀرائي ٿي آهي؟ جنهن جي جواب ۾ جاچ آفيسر چيو ته ڪيس جو فائل پراسيڪيوٽر جنرل وٽ آهي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ان جو مطلب ته جاچ نٿي رهي آهي، هن ڪيس ۾ گهڻا نامعلوم ماڻهو ڄاڻايا ويا آهن؟، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 40 هزار کان مٿي ڪيس ۾ نامعلوم ماڻهو ڄاڻايا ويا آهن، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيستائين ڪيس جي جاچ ٿيندي رهندي تيستائين نامعلوم ماڻهو گرفتار ٿيندا رهندا.

عدالت پوليس کي ڪيس ۾ وڌيڪ نامعلوم ماڻهو گرفتار ڪرڻ کان روڪيندي ڪيس جي ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.