وزيراعظم جي نظر ۾ ”ع“ جي اهميت، پاڪستان ۾ اهم عهدن کان پوءِ آزاد ڪشمير ۾ به ”ع“ جو واڌارو

وزيراعظم عمران خان ڊگھي مشاورت کان پوءِ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم لاءِ عبدالقيوم نيازي کي نامزد ڪيو ۽ هو هاڻ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم به بڻجي چڪو آهي. عبدالقيوم نيازي جو واسطو تڪ ايل اي 18 پونڇ سان آهي.

جيو نيوز جي صحافي وقار ستي دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم عمران خان کي مشورو ڏنو ويو ته آزاد ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ لاءِ 13 يا 18 جو انگ فائديمند ۽ برڪت وارو ٿي سگھي ٿو. ان سان گڏوگڏ لفظ ”ع“ سان شروع ٿيندڙ نالو هجي ته آزاد ڪشمير حڪومت نه رڳو پنهنجو مدو پورو ڪندي پر ان سان پي ٽي آءِ به ڪشمير ۾ مضبوط ٿيندي.

صحافي وقار ستي دعويٰ ڪئي ته ان کان پوءِ ايل اي 18 مان سردار عبدالقيوم خان نيازي کي وزيراعظم پاڪستان جو هيلي ڪاپٽر موڪلي مظفرآباد کان اسلام آباد گھرايو ويو.

وقار ستي موجب وزيراعظم ڪشمير پاليسي ۽ رياستي معاملن ۽  ڪشمير سوڌو ٻين اشوز تي هن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پارٽي ذميوارن سان ڊگھي مشاورت کان پوءِ سردار عبدالقيوم نيازي کي آزاد ڪشمير جو نئون وزيراعظم نامزد ڪيو.

هو آزاد ڪشمير جو 13 هون وزيراعظم آهي، واضح رهي ته سردار عبدالقيوم نيازي جو واسطو ڪنٽرول لائين تي موجود ڳوٺ دره شير خان سان آهي.

سردار عبدالقيوم نيازي پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات 1982ع ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر طور آزاد ڪشمير جي ضلعي پونڇ کان ڪئي، مسلم ڪانفرنس سان سندس خانداني طور واسطو رهيو.

2006 ۾ پهريون ڀيرو مسلم ڪانفرنس جي ٽڪيٽ تي اسيمبلي ميمبر چونڊيو ۽ پنهنجي پارلياماني سياست جي شروعات ڪئي. 2006 کان 2011 تائين ناڻي وارو ۽ جيلن جو وزير رهيو.

2021ع جي چونڊن ۾ سردار عبدالقيوم نيازي 24 هزار 500 کان وڌيڪ ووٽ کڻي سڀني برادرين جو ڀرپور اعتماد حاصل ڪيو.

سردار عبدالقيوم نيازي جي حوالي سان اهو مشهور آهي ته هو پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي ڏکن کي سدائين پنهنجو ڏک سمجهندو آهي ۽ فوتگي يا بيماري، سڀ کان اڳ متاثر خاندان وٽ پهچندو آهي.

سردار عبدالقيوم نيازي جو وڏو ڀاءُ غلام مصطفيٰ ٻه ڀيرا آزاد ڪشمير جو اسيمبلي ميمبر ۽ وزير رهي چڪو آهي.

سردار عبدالقيوم نيازي جو هڪ ننڍو ڀاءُ سردار حبيب ضياءَ سپريم ڪورٽ آزاد ڪشمير جو مڃيل وڪيل آهي، سندس ٽيون ڀاءُ آمريڪا ۾ رهندو آهي.

سردار عبدالقيوم نيازي جو هڪ پٽ برطانيا ۾ ڪائونسل آهي. سردار عبدالقيوم نيازي آزاد ڪشمير يونيورسٽي مان  گريجوئيشن ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.