جهڏو جي جوڙي پسند پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي گهر

ڊگهڙي(ن ع آ)جهڏو شھر جي عابد ڪالوني جي رهواسي نوجوان احمد رياض ولد جعفر کوکر ڳوٺ حيات خاصخيلي جي  ناري شازيا ڌيءُ بلاول کوکر پريس ڪلب ڊگھڙي ۾ صحافين اڳيان  تحفظ لاء احتجاج ڪيو ان موقعي تي ناري شازيا جو چوڻ هو ته مون پنهنجي رضا خوشي سان احمد رياض سان ڊگهڙي عدالت ۾ پيش ٿي  پسند پرڻو ڪري ڇڏيو آهي جنهن تان منهنجا مائٽ بلاول،نادر،دلنواز،گلزار ۽ ٻيا جان جا ويري بڻجي ويا آهن،اسانکي جان کان مارڻ لاء ڳولها ڪري رهيا آهن ۽ اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هنن چيو ته اسان خوف وچان دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهيون هنن ايس ايس پي بدين،ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ڌرين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسانکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.