وفاقي حڪومت جا نااهل وزير رڳو بيانن ۾ پورا آهن: ساجد جوکيو

ملير (ڊ.ر) تبديلي سرڪار پاران پيٽرول، بجلي، گئس جا اگهه وڌائڻ سبب ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، اٽي، کنڊ، گيهه ۽ ضرورت زندگي جون ٻيون شيون غريب ماڻهو جي پهچ کان چڙهي ويون آهن، نااهل حڪومت عوام جو رت جوسي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار پيپلز پارٽي ملير جي قائم مقام صدر عديل اختر شيخ، جنرل سيڪريٽري ايم پي اي محمد ساجد جوکيو، انفارميشن سيڪريٽري ميرعباس ٽالپور ۽ ٻين ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، اڳواڻن چيو ته هڪ مهيني اندر پيٽرول جي اگهه ۾ 9 رپيا واڌ سبب ضرورت زندگي جي شيئن اٽي، کنڊ، گيهه، دالين ۽ چانورن جا اگهه ٻيڻا ٿي ويا آهن، نااهل وفاقي حڪومت پيٽرول سميت بجلي، گئس جا اگهه وڌائي عوام کي اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران خان ماضي ۾ چوندو هو ته جيڪا حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائي اها ڪرپٽ آهي پر موجوده پي ٽي آءِ حڪومت رڳو پيٽرول تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت جا نااهل وزير رڳو بيانن ۾ پورا آهن جڏهن ته سنڌ سميت ملڪ جي عوام مهانگائي سبب پريشان آهي، هنن چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت سنڌ حڪومت کي ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ بجآءِ پنهنجي ڪارڪردگي سڌارين ته بهتر ٿيندو، سليڪٽيڊ حڪومت ۾ ويٺل نااهل ماڻهن جو ٽولو پاڪستان کي برباد ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪراچي لآءِ سکڙن واعدن کانسوآءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سموري ڪراچي ۾ محدود وسائل هجڻ باوجود رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، اڳواڻن چيو ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو مقصد ملير ضلعي جي عوام جو مهانگائي خلاف آواز کي نااهل حڪومت تائين پهچائڻ آهي، اڳواڻن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ به پيٽرول جي اگهه ۾ ايتري واڌ نه ٿي جيڪا موجوده عمران سرڪار ڪئي آهي، موجوده حڪومت جا ٽي سال پورا ٿيڻ وارا آهن پر ملڪ جا نوجوان روزگار لآءِ پريشان آهن، روزگار ۽ گهر ڏيڻ وارا واعدا ڪوڙا ثابت ٿيا، وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسي سبب اسٽيل مل بند ٿي جنهن سبب هزارين پورهيت بيروزگار ۽ بي گهر ٿي ويا آهن، اڳواڻن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪندي گُهر ڪئي ته پيٽرول سميت ٻين شيئن جي اگهن ۾ فوري طور لاٿ آندي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران عوام سان گڏ روڊن تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ امداد جوکيو، آغا طارق پٺاڻ به موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.