پٽ منشيات فروش ۽ ڏوهارين جو ساٿاري آهي;حيدرآباد واسي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد جي رهواسڻ زخمي ٿيل پيرسن عورت گلشن بانو جي مڙس اڪرام الدين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته 10 ڏينهن اڳ سندس ئي وڏي پٽ انعام الدين ۽ ان جي پٽن نويد ۽ حسيب سندس پيرسن زال گلشن بانو تي وحشياڻو تشدد ڪري ان جو هڪ هٿ ۽ هڪ ڄنگهه ٽوڙي ڇڏي آهي، جنهن خلاف حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس کين گرفتار ڪري ورتو، جيڪي ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڄاڻايل معاملي بابت آر پي او ۽ ايس ايس پي کي درخواستون ڏنيون پر کين تحفظ نه مليو ۽ پوليس سندن ڪيس ڪمزور ٺاهي ڇڏيو، جنهن سبب جوابدار جي ٻن ڏينهن ۾ ضمانت ٿي وئي. هن چيو ته سندس پٽ منشيات فروش، پوليس ۽ ڏوهاري ماڻهن جا ساٿاري آهن، جن کان کين جاني خطرو آهي. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.