ڄامشورو ۾ لطيف يونيورسٽي جي ملازم تي حملي خلاف احتجاج

ڄامشورو( ڊ ر ) شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور ميرس جي ملازم تنظيم جي صدر قلندر بخش بوزدار تي ٿيل حملي ۽ ڊي ايف طرفان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ملازمن طرفان سنڌ يونيورسٽي سي اين جي کان شهر جي مک جي ايم سيد چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جو چيئرمين ۽ سيوا صدر محمد علي گهانگهرو، ميوا جو جنرل سيڪريٽري غلام شبير بلوچ ۽ لسوا اڳواڻ سڪندر جوڻيجو، سيوا جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي رستماڻي، سيوا شھباز گروپ جو چيئرمين امداد علي کوسو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور ميرس جو ڊي ايف دهشتگردي ڪري رهيو آهي ۽ ساڻس يونيورسٽي انتظاميا پڻ سهولتڪارن ۾ شامل آهي، هنن چيو ته مسئلن کي حل ڪرڻ بدران ڊي ايف ملازم يونين جي اڳواڻ قلندر بخش بوزدار تي حملو ڪيو ۽ ڊي ايف کيس چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، الٽو قلندر بخش بوزدار تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ گرفتاري لاءِ سندس گهر تي پوليس چڙهائي وئي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور ميرس جي ڊي ايف کي ھٽائي ملازم تنظيم جي صدر قلندر بخش بوزدار تي داخل ڪيس ختم نه ڪيو ويو ته سڀاڻي اربع تي سڄي سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جا ملازم خيرپور ميرس پهچي وائيس چانسلر آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻندا جنهن دوران امڪاني رد عمل جي ذميواري شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور ميرس جي انتظاميا مٿان هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.