جيڪا تبديلي ڏسي رهيا آهيو، انجو ڪريڊٽ اسپورٽس ڏانهن وڃي ٿو: صدر

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ليڊرشپ راندين جي ميدان مان ئي نڪرندي آهي، جيڪا تبديلي اڄ توهان ڏسي رهيا آهيو ان جو ڪريڊٽ به اسپورٽس ڏانهن وڃي ٿو.

ڪوئيٽا ۾ وومين ٽي ٽوئنٽي ليگ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر مملڪت چيو ته دٻاءُ برداشت ڪرڻ جو هنر به راندين جي ميدان مان ايندو آهي، جنهن جو مثال هن وقت جي حڪومت آهي.

عارف علوي جو چوڻ هو ته جڏهن 2014 ۾ اسان ڌرڻو هنيو هو ته ڪپتان چوندو هو انهن تي دٻاءُ وجهو اهي غلطي ڪندا، تنهنڪري جيڪا تبديلي توهان هن وقت ڏسي رهيا آهيو ان جو ڪريڊٽ به اسپورٽس ڏانهن وڃي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.