پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ شموليت جي دعوت ڏني هئي: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو ته نواز شريف کي ڪرڪيٽ جو شوق هو پر هو حادثاتي طور وزيراعظم بڻجي ويو. سياسي دور جي شروعات وقت ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ٻنهي پارٽين شموليت جي دعوت ڏني هئي پر مان انهن جي ڪرپشن کان واقف هيس تنهنڪري پنهنجي پارٽي ٺاهي.

وزيراعظم صحافي اڪرام سهگل جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سياست مان اچڻ کان اڳ ملڪ جي سياسي نظام بابت ڪا به خبر نه هوندي هئي، رڳو نصابي ڪتابن ۾ پوليٽيڪل سائنس پڙهي هئي، ماڻهن کي ترندي ڏسي سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو، سياست ۾ سمنڊ ۾ ترڻ جيان ئي آهي.

وزيراعظم چيو ته نواز شريف کي ڪرڪيٽ جو شوق هو ۽ هُو حادثاتي طور وزيراعظم بڻجي ويو، سياسي ڪيريئر جي شروعات ۾ مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي ۾ منهنجا دوست موجود هوندا هئا جنهن سبب مونکي به شموليت جي دعوت ڏني وئي هئي پر مان انهن ۾ نه ويس. پنهنجي پارٽي ٺاهي ٻنهي پارٽين جي ڪرپشن کي چيلينج ڪيو.

عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪرڪيٽ ۾ ٻن قسمن جا رانديگر هوندا آهن هڪڙا اهي جيڪي پنهنجي لاءِ کيڏندا آهن ٻيا اهي جيڪي ٽيم جي لاءِ کيڏندا آهن، اهي رانديگر جي پنهنجي لاءِ کيڏندا هئا انهن جي عزت نه هوندي هئي، عزت رڳو انهن جي ئي ٿيندي آ جيڪي ملڪ جي لاءِ کيڏن.

هن چيو ته قرآن شريف ۾ لکيل آهي ته عزت الله تعاليٰ طرفان ملندي آهي ۽ اهو اسان جو ايمان به آهي، دين جي برزرگ ولين کي اڄ به هزارين ماڻهو سلام ڪرڻ ويندا آهن انڪري ته اهي انسانيت جي بهتري جي لاءِ سامهون آيا جنهن جي ڪري الله پاڪ انهن کي عزت ڏني، اهڙي ريت ڪيترائي بادشاهه به ٿي گذريا، جيئن قائداعظم کي قوم عزت ڏني ته هو پاڪستان جي لاءِ اٿي بيٺو.

سندس چوڻ هو ته سوئزرلينڊ رڳو سياحت مان هر سال 80 ارب ڊالر ڪمائيندو آهي، جڏهن ته اهو ملڪ ايراضي جي حساب سان ڪي پي ڪي جي اڌ برابر آهي، پر اسان هتان هڪ ملين ڊالر به نٿا ڪمايون.

وزيراعظم چيو ته بنانا ريپبلڪ ۽ سڌريل معاشري ۾ رڳو انصاف جو فرق هوندو آهي، ڪير به قانون کان مٿانهون نه هجڻ گهرجي، اسان جو ڏوهاري طبقو چوي ٿو ته اسان قانون کان مٿانهان آهيون جڏهن ته ائين ٿي ئي نٿو سگهي، جيڪو معاشرو قانون جي بالادستي تي يقين رکندو اهو ئي مٿي اڀرندو آهي ۽ اهو ئي ترقي ڪري امير بڻبو آهي. جڏهن توهان جا حڪمران ئي چوري ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا ته ملڪ ته تباهه ئي ٿيندو.

عمران خان وڌيڪ چيو ته هڪ رپورٽ موجب غريب ملڪن مان هر سال هڪ هزار ارب ڊالر چوري ٿي امير ملڪن ڏانهن منتقل ٿي ويندا آهن ۽ اهو ناڻو غريب نه پر حڪمران ۽ امير طبقو ئي چوري ڪندا آهن، اسان جي ملڪ ۾ ٻن خاندان نه رڳو ملڪ تباهه ڪيو پر ايترو ڪيو جو هاڻي سياستدان ڪرپشن کي بُرو عمل به نٿا سمجهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.