ڄامشورو:ايمپلائز فيڊريشن جي سڏ تي شاهه لطيف يونيورسٽي جي ڊي ايف خلاف ريلي

شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور ميرس جي ڊائريڪٽر فنانس ۽ ملازمن جي تنظيم جي صدر قلندر بخش بوزدار ۾ ٿيل جهيڙي بعد آل سنڌ يونيورسٽيز امپلائيز فيڊريشن جي سڏ تي ڄامشورو ۾ فيڊريشن چيئرمين ۽ سيوا صدر محمد علي گهانگهرو, احمد علي ڪنڀار, مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن اڳواڻن غلام شبير بلوچ, هاشم ڏهاڻي ۽ لسوا جي اڳوڻي صدر سڪندر علي جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي۽ خيرپور يونيورسٽي جي ڊي ايف خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي,ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جو ڊي ايف مسئلن کي حل ڪرڻ بدران ملازم يونين جي اڳواڻ قلندر بخش بوزدار تي حملو ڪيو ۽ کيس چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن جو انصاف ملڻ بدران قلندر بخش بوزدارتي ڪيس داخل ڪري گرفتاري لاءِ سندس گهر تي پوليس چڙهائي ڪرائي وئي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڊي ايف کي ھٽائي ملازم تنظيم جي صدر قلندر بخش بوزدار تي داخل ڪيس ختم نه ڪيو ويو ته سڀاڻي اربع تي سڄي سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جا ملازم خيرپور پهچي احتجاج ڪندا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.