اسلام ڪوٽ:آءِايڇ ايس جي ملازمن پاران ڪمپني جوڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ خلاف ريلي

1اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ آءِ ايڇ ايس جي ملازمن پاران ڪمپني جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ايڊمن گلاب ڀيل،عبداللّه بجير،الياس بجير،ڊاڪٽر حُسنا ڀٽي،نائلا،صغرا،روزينه ۽ ٻين ٻئي ڏينهن به اسپتال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ،انهي موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته اسين گذريل چئن پنجن سان کان آءِ ايڇ ايس وٽ ڪانٽريڪٽ تي پابندي سان پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان سرانجام ڏيئي رهيا آهيون ، اوچتو گذريل ڏينهن سرڪار هڪ ليٽر جاري اين جي اوز کان اسپتالون واپس ورتيون ويون آهن جنهن سبب اسان جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي، هنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي آءِ ايڇ ايس جو ڪانٽريڪٽ وڌائي يا انهن کي ايمرجنسي بنيادن  تي صحت کاتي ۾ ضم ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.