آزاد ڪشمير اسيمبلي: تحريڪ انصاف جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر حلف کڻي ورتو

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جو اميدوار انوارالحق آزاد ڪشمير اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ رياض گجر ڊپٽي اسپيڪر بڻجي ويا.

مظفرآباد ۾ آزاد جمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ نئين چونڊيل ميمبرن اسيمبلي جو حلف کنيو. حلف کڻندڙ ۾ عورتون به شامل آهن. اسپيڪر شاهه غلام قادر نئين ميمبرن کان حلف کڻايو. مسلم ڪانفرنس جو سردار عتيق احمد خان ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو جاويد اقبال بڍانيوي حلف نه کڻي سگهيا.

اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جو چوڌري انوارالحق 32 ووٽ کڻي اسپيڪر چونڊجي ويو جڏهن ته اپوزيشن جي اميدوار فيصل ممتاز راٺوڙ 15 ووٽ کنيا. ووٽنگ ۾ ڪل 49 ميمبرن حصو ورتو جن مان 2 ووٽ رد ڪيا ويا.

انکاپوءِ ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ ووٽنگ ٿي ته تحريڪ انصاف جو چوڌري رياض به 32 ووٽ کڻي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو، اپوزيشن اميدوار نثاران عباسي کي 15 ووٽ مليا.

ٻئي پاسي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي چونڊ جي حوالي سان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي وچ ۾ سياسي اتحاد ٿي ويو آهي، وزارت عظميٰ جي عهدي لاءِ پيپلزپارٽي طرفان اميدوار بيهاريو ويندو ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ به پيپلزپارٽي جو ئي هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.