ن ليگ احتجاجي طور حلف کنيو آهي، چونڊون قبول ناهن: راجا فاروق حيدر

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير جي صدر ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم راجا محمد فاروق چيو آهي ته ن ليگ احتجاجي طور حلف کنيو آهي پاڪستان جي حڪومت دانڌلي ڪئي آهي.

مظفرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم محمد فاروق حيدر خان اها ڳالهه ڪئي آهي.

هن چيو ته دانڌلين خلاف آزاد ڪشمير جي عوام سان گڏجي احتجاج ڪنداسين، دانڌلين خلاف وائيٽ پيپر ڇپرائي رهيا آهيون.

راجا فاروق حيدر خان چيو ته سڀ حقيقتون عوام تائين پهچائينداسين، تيرهين ترميم جو دفاع ڪنداسين. حڪومت کي عوام جي حقن خلاف قدم کڻڻ تي سڄي طاقت سان جواب ڏنو ويندو.

آزاد ڪشمير جي ن ليگ جي صدر وڌيڪ چيو ته چونڊن جا نتيجا قبول ناهن، نتيجن خلاف احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.