لاڪ ڊائون جو اعلان ويڪسينيشن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيو آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان ويڪسينيشن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته بدقسمتي سان ماڻهن کي پنهنجي حياتيءَ کان وڌيڪ پنهنجي موبائل سم جي پرواهه آهي، پنهنجي حياتيءَ جي قيمت اسان سمجهون ها ته شايد اهڙو اعلان ڪرڻ جي ضرورت نه پوي ها.

هن ٻڌايو ته پهريان ايڪسپو سينٽر 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو هو هاڻ ڪراچي جي هر ضلعي ۾ 11 مختلف هنڌن تي 24 ڪم ڪندڙ ويڪسينيشن سينٽر کي حڪومت قائم ڪيو آهي.

هن چيو ته ڪورنگي ۾ دارلعلوم انتظاميا جو ٿورائتو آهيان جن پنهنجي درس گاهه ۾ سنڌ حڪومت کي ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني، اهڙيءَ طرح پراپرٽي ڊيلرن به ويڪسينيشن ڪيمپ قائم ڪئي آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان روزانو اڍائي لک ويڪسين لڳائڻ جو هدف طئي ڪيو آهي، عوام کي گذارش آهي ته ان ۾ اسان جو ساٿ ڏين.

سندس چوڻ هو ته اسان کي اندازو آهي ته ڪجهه هنڌن تي رش آهي، جيڪڏهن رڳو ڪراچي ۾ ئي هڪ لک ماڻهن ويڪسين لڳرائڻ لاءِ گھران نڪري رهيا آهن ته رش ٿيندي پر اسان رش ۾ به ايس او پيز تي عمل درآمد ڪري سگھون ٿا.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته آئون ٿورائتو ٿيندس انهن شهرين جو جيڪي ويڪسين لڳرائڻ لاءِ نڪرڻ وقت ماسڪ جو استعمال ڪندا.

مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته حڪومت اندرون سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه موبائل هيلٿ يونٽس کي به ڪراچي حيدرآباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن اهي گھٽين، پاڙ ن ۾ ويڪسين لڳائي سگھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.