14 ورهين کان گھٽ عمر جي ٻارن جي گھريلو ملازمت تي پابندي لاڳو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي 14 ورهين کان گھٽ عمر جي ٻارن جي جبري پورهي ۽ گھريلو ملازمت تي پابندي لڳائي ڇڏي.

صوبائي اسيمبلي گھريلو سطح تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي حقن، فرضن ۽ ڏکيائين جي حل لاءِ خيبرپختونخواهه هوم بيسڊ ورڪرز (ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن) بل 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پورهي بابت صوبائي وزير شوڪت يوسف زئي هوم بيسڊ ورڪرز ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن بل 2021ع منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو، ان قانون تحت 14 ورهين کان گھٽ عمر جي ٻارن کان گھريلو سطح تي ڪم ڪرائڻ ۽ جبري پورهيو وٺڻ تي به پابندي هوندي جڏهن ته گھريلو سطح تي ملازمن جي ڀرتي لاءِ باقاعده طور تي مقرري نامو جاري ڪيو ويندو جنهن ۾ پگھار، ان جي ادائگي جو طريقيڪار ۽ ڪم جي نوعيت بابت واضح طور تي لکيو ويندو.

ڄاڻايل قانون لاڳو ٿيڻ بعد هر مالڪ گھريلو سطح تي ڪم ڪندڙ پنهنجي محنت ڪشن کي مقرري نامو جاري ڪندو، ڪم ڪرڻ جو وقت 8 ڪلاڪ ئي هوندو پر جيڪڏهن ڪو ملازم پنهنجي مرضيءَ سان واڌو ڪم ڪرڻ چاهي ته ان لاءِ واڌاري اجرت ڏني ويندي پر ان صورت ۾ به هفتيوار ڪم ڪرڻ جو وقت 60 ڪلاڪن کان وڌيڪ نه هجڻ گھرجي.

قانون تحت مالڪ طرفان ملازم کي بي دخل ڪرڻ يا ملازم طرفان نوڪري ڇڏڻ جي صورت ۾ هڪ مهينو اڳ لکت طور آگاهه ڪرڻ لازمي هوندو ۽ هڪ مهيني جي سموري پگھار جي ادائگي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.