نشي لاءِ پئسا نه ڏيڻ تي جوابدار ماءُ ۽ ڀاڻيجيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) نشئي پٽ نشي جا پيسا نه ڏيڻ تي پنهنجي ماءُ ۽ ڀاڻيجيءَ کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

پشاور پوليس موجب متني اضاخيل ۾ نوجوان پنهنجي ماءُ کان نشي جي لاءِ پيسا گھريا پر پيسا نه ملڻ تي نشئي جوابدار ماءُ ۽ گھر ۾ موجود ڀاڻيجيءَ تي ڇرين سان حملو ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدار پاڻ کي به سخت زخمي ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان نشي جو عادي آهي ۽ گھرواري کي به طلاق ڏئي چڪو آهي، واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.