لطيف آباد ۾گهرو تڪرار تان نوجوان جي خودڪشي ڪوشش

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ نوجوان ڦاھو کائي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن کي سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو،  لطيف آباد 8 نمبر جي مجاھد ھوٽل واري علائقي ۾ 25 ورهين جي نوجوان اعظم پٽ محمد اسماعيل گھرو تڪرار تان گھر اندر ڦاھو کائي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن کي گھرڀاتين بچائي ورتو، بعد ۾ نوجوان کي گھرڀاتي کڻائي اسپتال پھتا جتي کيس طبي امداد ڏيارڻ کانپوءِ واپس گھر وٺي ويا.

پورهيت تي تشدد واري ڪيس ۾ روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حُڪم

مٺي(بيوروچيف)مٺي جي عدالت ٿرڪول جي پورهيت غلام قادر کوکر کي قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس ۾ جوابدار  حُذيفه ملڪ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن،اسلام ڪوٽ پوليس مٺي جي سول ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ريجهو مل جي عدالت ۾ ڪيس جو چالان پيش ڪيو ۽ گرفتار جوابدار ڪاشف ڪمانڊر ۽ قمر رضا ڪمانڊر عدالت ۾ پيش ڪيا،پوليس ٻڌايو ته هڪ جوابدار محبوب گشڪوري ضمانت تي هجڻ سان گڏ ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو،باقي هڪ جوابدار حذيفه ملڪ روپوش ٿي ويو آهي،عدالت روپوش جوابدار جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس گرفتار ڪري 9 آگسٽ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

ٿر ۾سهولتن ۽ خوراڪ جي کوٽ، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت

مٺي(بيوروچيف)سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي  کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا،فوت ٿيلن ۾ خورشيد،مگهن لال ۽ محمد وارث جا تازو ڄاول ٻارڙا شامل آهن،سول اسپتال مٺي ۾ دوائن ۽ ليبارٽرين ۾ ڪيميڪل توڙي ٻين سهولتن جي اڻهوند برقرار هجڻ ڪري مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن،جڏهن ته هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 290 ٿي ٿي ويو،سول اسپتال مٺي سميت ٿر جي مختلف اسپتالن ۾ 50 کان وڌيڪ ٻارڙا زير علاج آهن،سول اسپتال مٺي ۾ ٻارڙن جي فوت وارن واقعن جو صحت کاتي يا سنڌ سرڪار نوٽيس نه ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.