گهوٽڪي جيل سامهون ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، هڪ زخمي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ ڊسٽرڪٽ جيل سامهون ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو  جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ  ڪمال خان مشوري جو رهواسي محمد ايوب ولد مولابخش مشوري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي تعلقي  اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو آهي

سرحد پوليس جي ڪارروائي، ڏوهاري بندوق سميت گرفتار

گھوٽڪي ( ڊ ر )  سرحد پوليس ڳوٺ جان محمد ڀارو ڀرسان گشت دوران لنڪ روڊ تي ڪارروائي ڪري ڪنڌڪوٽ جي علائقي ميران  ڳوٺ واسي ميهر ولد جتوئي ڪنڊراڻي کي بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو آھي، گرفتار ڪيل جوابدار کي سرحد ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو  ويو آھي، سرحد پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدار مٿان غيرقانوني هٿيار  رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي،  وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

مانجهند ويجهو موٽرسائيڪل سلپ، 3 ڄڻا زخمي

مانجهند (ن ع آ) مانجهند ڀرسان ايمبولنس کي بچائيندي  موٽر سائيڪل سلپ ٻارڙي  ميت 3 ڄڻا زخمي  تفصيل موجب مانجهند ڀرسان ويه دري انڊس هاء وي تي حيدرآباد کان سيوهڻ ويندڙ ايمبولنس کي اچانڪ روڊ تي چڙھڻ سبب پويان ايندڙ  موٽرسائيڪل ٽڪرائجڻ کان  بچائيندي سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڀان سيدآباد واسي پيرسن عورت رخسانه جمالي حبدار علي جمالي 5 ورهين جي ٻارڙي مرڪ جمالي زخمي ٿي پيا جن کي ساڳئي ايمبولنس ۾  تعلقه اسپتال مانجهند آندو ويو جتي علاج جي سهولت نه هئڻ سبب تعلقه اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.