ڊکڻ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار جو احتجاج، هاءِ وي تي ڌرڻو

ڊکڻ(ن ع آ) ڊکڻ جي نم شاخ ۾ پاڻي جو شديد بحران برقرار آهي،جنهن سبب آبادگار مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهن،جڏهن ته  نم شاخ ۾ پاڻي جي  کوٽ ۽ آبپاشي عملدارن خلاف، حاجي نثلاءِﷲ گوپانگ، عبدالله گوپانگ، محبت ڪلر، صاحب خان بروهي برڪت لاشاري ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري  نم شاخ پل وٽ جيڪب آباد رتوديرو انڊس هلاءِ وي تي رڪاوٽون رکي  ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو آهي،جنهن سبب  رتوديرو جيڪب آباد انڊس هلاءِ وي بلاڪ ٿي ويو آهي،جتي مظاهرين آبپاشي عملدارن خلاف زوردار نعريبازي ڪري رهيا هئا،ان موقعي تي آبادگارن دانهيندي چيو ته کيرٿر ڪئنال مان نڪرندڙ سمورين شاخن کي پاڻي جي مڪمل فراهمي ڪئي پئي وڃي،پر آبپاشي کاتي جي ڪرپٽ عملدارن نم شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي،اسانجي شاخ ۾ پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي،هفتي کان مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهيون،پر ڪرپٽ آبپاشي عملدارن  جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري،لکين روپين جو ساريالو ٻيجارو سڙي رهيو آهي،ڪرپٽ آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري نم شاخ ۾ پاڻي فراهم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو، ڌرڻي جي 2 ڪلاڪن بعد  نبي شاھ وڳڻ پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.