قمبر واپاري کان ٿيل ڦر واپس نه ٿي، شهرين جو ٽائر ساڙي ڌرڻو

قمبر (ت ر) قمبر ۾ مهينو اڳ واپاري کان ڦر خلاف شهرين جو پريس ڪلب روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي يونس لاشاري،صالح لاشاري،آزاد گل،احمد خان ۽ ٻين چيو ته قمبر شهر مان مهينو  اڳ هٿياربند هٿيار جي زور واپاري يونس لاشاري کان پنج لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا مهينو گذرڻ باوجود هن وقت تائين ڦر ٿيل رقم واپس نه ٿي آهي نه ئي جوابدار گرفتار ٿيا آهن هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.