سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 36 مريض فوت، 1847 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن اندر سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 36 مريض فوت ٿيا ويا آهن جڏهن ته  1847 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن

اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ 6057 تي پهچي ويو آهي. صحتياب ٿيندڙن جو انگ 333102 تائين پھچي ويو آھي

جاري ڪيل پڌرائي موجب هن وقت 47986 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 1250 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ۽ 97 مريض وينٽيليٽر تي آھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.