افغانستان ۾ امريڪي بمباري،40 طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان جي صوبي هلمند ۾ آمريڪي بمباري ۾ طالبان کي نشانو بڻايو ويو، افغان فورسز موجب آمريڪي بمباري ۾ طالبان جا 40 ويڙهاڪ مارجي ويا آهن.افغانستان جي دفاع واري وزارت تصديق ڪندي چيو ته آمريڪي فوج هلمند جي صوبائي گادي واري هنڌ لشڪرگاهه ۾ اڄ بمباري ڪئي.افغان ميڊيا موجب بمباري جي ڪري ٻارڙن سميت هڪ خاندان جا 8 ماڻهو پڻ مارجي ويا آهن، افغان حڪومت شهرين جي مارجڻ جي تصديق ناهي ڪئي.افغان سيڪيورٽي فورسز جي مدد لاءِ آمريڪي فوج طالبان جي خلاف هوائي ڪارروائين ۾ تيزي آندي آهي، طالبان ڏهه ڏينهن اڳ لشڪر گاهه تي حملو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.