حيرت جي ڳالهه آ! وزيراعظم کي اهڙي مهانگائي بابت ڪير ٿو ٻڌائي؟: محمد زبير

لاهور(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي ترجمان محمد زبير چيو آهي ته خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي پاڪستان ۾ آهي.محمد زبير وزيراعظم عمران خان جي پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ شين جي اگهن ۾ واڌ خطي ۾ ٻين ملڪ کان گهٽ واري دعويٰ تي انگ اکر ٻڌايا آهن.هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ خطي جي ٻين ملڪن ۾ مهانگائي ۽ اگهن جو فرق هن ريت آهي.بنگلاديش ۾ مهانگائي 5.6 سيڪڙو، ڀارت ۾ 6.6 سيڪڙو، سريلنڪا ۾ مهانگائي 4 سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ مهانگائي 10.7 سيڪڙو آهي.هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ مهانگائي خطي جي سڀني ملڪن کان وڌيڪ آهي، حيرت آهي ته وزيراعظم عمران خان کي اهڙيون ڳالهيون ڪندو ڪير آهي؟سندس چوڻ هو ته روپيو اڄ ڊالر جي مقابلي ۾ 164 رپين جي بلندي تائين پهچي چڪو آهي، چيو پيو وڃي ته ڊالر ايندڙ ڪجهه ڏينهن يا هفتن ۾ اڃا به وڌيڪ مٿي ويندو.محمد زبير چيو ته رڳو ڪجهه مهينا اڳ ڊالر جو اگهه 151 روپيا هو، مهينن ۾ 13 رپين جي گهٽتائي اقتصادي مينيجمينٽ جي عڪاسي ڪري ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.