اڳوڻي وزيراعظم جي پُٽ جي علاج جا خرچ سنڌ حڪومت ڀريندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت قائد ملت ۽ ملڪ جي پهرين وزيراعظم نوابزادا لياقت علي خان جي پُٽ جا خرچ ڀرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سنڌ حڪومت جي ترجمان بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اڪبر علي خان جي روز جا خرچ به سنڌ حڪومت ئي برداشت ڪندي.هن ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ان فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ملڪ جي پهرين وزيراعظم جي خاندان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي صدر عارف علوي لياقت علي خان جي پُٽ اڪبر لياقت علي خان جي گهر وڃي سندس عيادت ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.