نيب 13 آگسٽ تائين اربين رپيا براڊ شيٽ کي ڏئي: برطانوي عدالت جو حڪم

لنڊن(ويب ڊيسڪ) براڊ شيٽ تڪراري ۾ برطانوي هاءِ ڪورٽ جو قومي احتساب بيورو خلاف نئون حڪم نامو اچي ويو.

لنڊن هاءِ ڪورٽ جي ماسٽر ڊيوسن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب 13 آگسٽ تائين براڊ شيٽ کي 3 مختلف ماليت جون ادائيگيون ڪري ٻي صورت ۾ لاڳاپيل بينڪ جي لنڊن برانچ کي ادائيگي تي مجبور ڪيو ويندو.

ماسٽر ڊيوسن نيب کي 12 ڪروڙ 22 لک 3 هزار 790 ڊالر ادا ڪرڻ، 10 پائونڊ ۽ واڌو خرچن جي مد ۾ 26 لک 29 هزار 680 پائونڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

برطانوي هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته فنڊ 10 آگسٽ تائين نيب جي وڪيل جي اڪائونٽ ۾ هئڻ گهرجن ۽ اهي فنڊ 13 آگسٽ تائين براڊ شيٽ جي اڪائونٽ ۾ هجڻ گهرجن.

فيصلي موجب بينڪ 17 آگسٽ تائين محفوظ رقم براڊ شيٽ جي وڪيلن جي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر جي پابند هوندي.

برطانوي هاءِ ڪورٽ موجب مقررر مدي ۾ ڪا هڪ ادائيگي به نه ٿيڻ تي عبوري حڪم حتمي تصور هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.