جنهن ملڪ جا حڪمران ڪرپٽ هجن اتي معيشت تباهه هوندي آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ويزن پاڪستان پروگرام آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جنهن ملڪ جا حڪمران ڪرپٽ هوندا آهن ته اتي معاشي حالتون خراب هونديون آهن.

اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن واري آءِ سي اِي سي نمائش جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته نمائش جي اسٽال تي ويس ۽ اتي مونکي مشورا ڏنا ويا آهن.

هُن نمائش جي انتظاميا کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي تجويز آهي ته اسلام آباد واري ڪنوينشن سينٽر کي ايڪسپو سينٽر بڻايو وڃي، اها هڪ سٺي صلاح آهي، مان ان حوالي سان ڪابينا جي ميمبرن سان مشورو ڪندس.

وزيراعظم عمران خان چيو ته ويزن پاڪستان اهو آهي ته پهريون اسان پنهنجي ماڻهن کي غربت مان ڪڍون، ڇو ته 40 سيڪڙو آبادي غربت جو شڪار آهي، منهنجو ويزن آهي ته انهن کي ڪيئن مٿي کنيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ٻئي ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي ملڪ جو پئسو ڪيئن وڌايون، اڄ جيڪي ايشين ٽائيگرز آهن اهي 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ڏانهن ڏسي رهيا هئا ۽ اسان انهن جي لاءِ هڪ ماڊل طور هئاسين.

عمران خان چيو ته هن ملڪ ۾ صلاحيت آهي جيڪڏهن صلاحيت نه هجي ها ته ڪنهن اڳين وقت ۾ به مٿي نه اڀرندو هجي ها، هاڻي پاڪستان کي وري ان جاءِ تي آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان جو ملڪ پاڻ ڀرو ٿئي ان لاءِ اسان کي قرض کڻڻا پوندا آهن، 20 ڀيرا آءِ ايم ايف ڏانهن ويا آهيون پر هڪ ننڍو طبقو ئي امير ترين ٿيندو رهيو آهي.

ڪنهن وقت ۾ مان شوڪت خانم اسپتال لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ ويندو هئس ته امير ترين پاڪستاني هوندا هئا، انهن وٽ ايترو پئسو هوندو هو جو توهان تصور به نٿا ڪري سگهو ته پاڪستان کي فنڊ وٺڻ جي به ضرورت پوي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.