ڪراچي ۾موبائل ويڪسين شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت ڪراچي جي عوام کي ڪورونا ويڪسين جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ موبائل ويڪسين شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ مرتضيٰ وهاب ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت موبائل ويڪسين سينٽرن جي قيام جو به فيصلو ڪيو هو ته جيئن ڪمپنيون، ڪاروبار ۽ ادارن وغيره ۾ هڪ ئي جڳهه تي گهڻي انگ ۾ ايندڙ ماڻهن کي ٻئي ڪنهن جاءِ تي وڃڻ جي ضروت نه پوي.

هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ حڪومت صنعتي ايسوسيئيشنز سان ڳالهه ٻولهه ڪري سندن ادارن ۾ ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيا، ويڪسين جي مناسب مقدار جي موجودگي ۽ ان جي پهچائڻ ۾ ڪنهن قسم جا مسئلا نه ٿين ۽ ماڻهن جو وڏو انگ ويڪسين سينٽرن تي ڏسندي اسان موبائل ويڪسين سينٽر جي قيام جو فيصلو ڪيو جنهن سان ماڻهن کي وڌيڪ سهولت ملندي.

سندس چوڻ هو ته اهي ماڻهو غلط ثابت ٿيا آهن جيڪي چئي رهيا هئا ته ويڪسين لڳائڻ ضروري ناهي جٿي اڄ کان 10 ڏينهن اڳ 50 کان 60 هزار ماڻهن کي روزاني جي بنياد تي ويڪسين ٿيندي هئي اتي هاڻي هر روز 2 لک کان مٿي ماڻهن کي ويڪسين ڪئي وڃي ٿي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي هڪ علائقي ۾ موبائل وين شروع ڪئي ويندي ڪوشش آهي ته جلد سڀني ضلعن ۾ موبائل ويڪسين جو عمل شروع ڪيو وڃي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ جي فائدن کي نظر ۾ رکندي ڊاڪٽرن جي مشوري کانپوءِ ئي لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو، جيڪي ماڻهو دانهون ٿا ڪن ته معيشت کي بند ڪيو ويو آهي ته اهي نوٽيفڪيشن کي ڏسي وٺن.پڌرائي ۾ صنعتن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، شين کي پرکڻ جي بدران اجائي بيان بازي غلط عمل آهي.

ٻئي پاسي ڪراچي جي شهرين لاءِ ويڪسين لاءِ شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ وارو شرط ختم ڪيو ويو آهي، هاڻي شهري شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ جي بدران به ويڪسين ڪرائي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.