ڪراچي ۾ ٻارڙي کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪندڙ جوابدار جا جزا ميچ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ 6 سالا ٻارڙي ماهم سان زيادتي ۽ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ڊاڪر جو ڊي اين اي ميچ ٿي ويو آهي.

پوليس موجب جوابدار رڪشو هلائيندو آهي جنهن کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ جوابدار ڏوهه جو اعتراف به ڪري چڪو آهي.

ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب  جو چوڻ هو ته ڪورنگي پوليس ڪيس کي فوري طور تي منطقي انجام تي پڄايو آهي، اميد آهي ته عدالت به درندي جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏيندي.

پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته معاشري جو حصو هجڻ جي حيثيت سان اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان کي پنهنجي آسپاس نظر رکڻ گهرجي ته جيئن ٻيهر اهڙي قسم جا واقعا نه ٿي سگهن.

سندس چوڻ هو ته مان ماهم جي ماءُ پيءُ سان همدردي ۽ دلي طور تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو، اسان سڀني جي دل اهڙي واقعي تي ڏکويل آهي.

واضح رهي ته 28 جولاءِ تي ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ٻارڙي کي اغوا کانپوءِ زيادتي ۽ قتل ڪرڻ جو واقعو پيش آيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.