آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي، ٽنهي سيٽن تي پي ٽي آءِ جا اميدوار ڪامياب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد جمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ ٽنهي مخصوص سيٽن تي پاڪستان تحريڪ انصاف جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن.

مخصوص سيٽن تي اڄ ٿيندڙ چونڊن ۾ عالمن واري سيٽ تي پي ٽي آءِ جو محمد مظهر سعيد، ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي رفيق نئير ۽ سمنڊ پار ڪشميرين واري سيٽ تي محمد اقبال ڪامياب ٿي ويو.

گذريل ڏينهن عورتن جي پنج مخصوص سيٽن تي اميدوار بغير ڪنهن مقابلي جي چونڊجي ويون هيون جن ۾ پي ٽي آءِ جي عورتن کي ٽي جڏهن ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي عورتن کي هڪ هڪ سيٽ ملي هئي.

واضح رهي ته 53 ميمبرن جي مشتمل ايوان ۾ حڪومت سازي لاءِ 27 ووٽ گهربل آهي، ٽن وڌيڪ سيٽن تي ڪاميابي کانپوءِ پي ٽي آءِ 32 سيٽن جي چٽي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ لاءِ اهل بڻجي وئي آهي.

53 ميمبرن تي مشتمل ايوان ۾ پي ٽي آءِ جون 32، پيپلزپارٽي جون 12 ۽ مسلم ليگ جون 7 سيٽون آهن جڏهن ته جمون ڪشمير پيپلزپارٽي ۽ مسلم ڪانفرنس وٽ هڪ هڪ سيٽ آهي.

پيپلزپارٽي جي 12 مان 2 سيٽون چوڌري ياسين حاصل ڪيون، چوڌري ياسين هڪ سيٽ ڇڏيندو جنهن تي ضمني اليڪشن ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.