شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل جي الزامن تي ايگزون موبل جو جواب اچي ويو آهي: علي زيدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته آئل اينڊ گيس ڪمپني ايگزون موبل منهنجي خط جو جواب ڏنو آهي.

هڪ بيان ۾ علي زيدي جو چوڻ هو ته خط ۾ ڪمپني اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ناڻي بابت اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪمپني نه رڳو فضول ڳالهين کي رد ڪيو آهي پر شڪايت به ڪئي آهي، مان پنهنجي خط جو ايگزون ڪمپني جو جواب وزيراعظم هائوس موڪلي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ايگزون ڪمپني چيو آهي ته بي بنياد الزام ملٽي نيشنل ڪمپنين جا حوصلا ڪمزور ڪندا آهن.

علي زيدي جو چوڻ هو ته مان وزيراعظم کان شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جي الزامن تي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪرپشن جي ڪارٽونن نواز شريف کي بچائڻ لاءِ  پاڪستان کي بدنام ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.