پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي آفيس ۾ سعودي عرب جي پارلياماني وفد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي.

پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي.

هن چيو ته تڪرارن جي مضبوط سياسي حل لاءِ ڳالهيون ئي واحد حل سمجهندا آهيون.

دورري دوران سعودي عرب جي پارلياماني وفد پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي سان به ملاقات ڪئي.

سينيٽ جي چيئرمين وفد سان ڳالهين دوران چيو ته بين الاقوامي قانونن موجب آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي موقف تي قائم آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.