تلھار ، ميھڙ ، کھڙا ۽ راڄوخاناڻي جون خبرون

تلهار: نوابشاهه ۾ حليم عادل شيخ تي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو

ميهڙ ۾ عوامي تحريڪ ۽ آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

کهڙا ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ وارو عمل تيز ڪيو ويو

راڄوخاناڻي:ٽائون ڪاميٽي ۾ محرم الحرام جي حوالي سان اهم اجلاس

1

نواب شاھ ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ مٿان حملي خلاف تلھار ۾ پي ٽي آئي تعلقي صدر سليم بلوچ جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب تلھار آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ،اڳواڻن پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پ پ پ خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي وئي،ان سلسلي ۾ تعلقي صدر سليم بلوچ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته نواب شاھ پريس ڪلب طرف حليم عادل شيخ وڃي رھيو ھو جتي پ پ پ جي ماڻھن مٿان حملو ڪرائي ثابت ڪري ڏيکاريو ته پ پ جھموريت پسنڌ نه بلڪه دھشتگرد پارٽي آھي وڏي ڳالھ ته اپوزيشن ليڊر تي حملي بعد ڊي آئي جي حيدراباد ۽ نواب شاھ ايس ايس پي به حليم عادل شيخ جي مسلسل فون کي اٽينڊ ئي نه ڪيو ھنن وزير اعلي سنڌ کان حملو ڪندڙن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

2

اڄ ستين ڏينهن به عوامي تحريڪ تعلقہ ميهڙ ۽ سيدپور شاخ جي آبادگارن پاران سيدپور شاخ جي کاٽي نہ ٿيڻ ۽ پڇڙيءَ تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي،  مشتاق چانڊيو، امتياز سيال ذوالفقار چانڊيو، عاطف ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميهڙ پريس ڪلب اڳيان احتجاج جاري رکيو ويو،اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سيدپور شاخ جي گذريل ڏهن سالن کان کاٽي نہ ٿي سگهي آهي کاٽي نہ ٿيڻ سبب سيدپور شاخ سڄي لَٽجي وئي آهي جنھن سبب اسان جون هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته  سيدپور شاخ جي کاٽي ڪرائي پڇڙي تائين پاڻي پهچائي اسان هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي..

3

کهڙا ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءَ واري وئيڪسين لڳائڻ وارو عمل تيز ڪيو ويو آھي. حڪومتي ھدايتن ۽ سختين کانپوء عوام وئيڪسنشن سينٽرن جو رخ ڪري ڇڏيو آھي،  شھري وڏي انگ ۾ بنيادي صحت مرڪز پهچي ويڪسين ڪرائي، ان حوالي سان بنيادي صحت مرڪز جي انچارج ڊاڪٽر عبيدالله ميمڻ جو چوڻ ھو ته ڪرونا وائرس خطرناڪ آھي عوام احتياط ڪري ايس اوپيز تي عمل ڪري ۽ ڪرونا وئيڪسين هڻائي ،هن چيو ته وئيڪسين هڻائڻ سان ڪو نقصان ناهي هتي روزانو ڪيترائي ماڻھو اچي وئيڪسين هڻائن ٿا.   هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو ڪرونا کان بچا واري وئيڪسين هڻائن.

4

راڄوخاناڻي ٽائون ڪميٽي ۾ محرم الحرام جي حوالي اھم اجلاس زير صدارت ٽائون ڪميٽي آفيسر نعيم حسين ڀنڊ جي ٿيو، اجلاس۾ سابق وائيس چيئرمين ميرفياض ٽالپر شعيا تنظيمن جي اڳواڻن فياض شاھ محمد حسن جعفري انور حسين جمن سيف الله شيدي عالم. ذاڪر حسين ڇلگري جمعيت الحديث  ۽ جمعيت علماء السلام جي اڳواڻن پوليس ۽ واپڊا عملدارن شرڪت ڪئي ،ان موقعي تي نعيم ڀنڊ جي سربراهي ۾ ھڪ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾سڀني ڌرين جا نمائندا پڻ شامل ھوندا جيڪي ويھي صورتحال مطابق فيصلا ڪري عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.