ڀارت راند کي سياست ۾ آڻي پنهنجو خراب چهرو بي نقاب ڪيو: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو آهي ته ڀارت راند کي سياست ۾ آڻي پنهنجو خراب چهرو بي نقاب ڪيو آهي.

مظفر آباد ٽائيگرز جي چيئرمين سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪشمير پريميئر ليگ ۽ مظفر آباد ٽائيگرز جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته مظفر آباد ٽائيگرز جي چيئرمين  وفاقي وزير کي ٽيم جي شرٽ به پيش ڪئي.

ان موقعي تي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ڀارت راند کي سياست ۾ آڻي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو خراب چهرو بي نقاب ڪيو آهي، اِهو پهريون موقعو ناهي جو مودي حڪومت ڪرڪيٽ کي پنهنجي سياست جي ور چاڙهيو هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.