سپريم ڪورٽ ملازمن جي يوٽيلٽي الائونس ۾ واڌ ڪئي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان سپريم ڪورٽ ملازمن جي يوٽيليٽي الائونس ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

رجسٽرار سپريم ڪورٽ گريڊ جي حساب سان الائونس وڌائڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

نوٽيفڪيشن موجب گذريل 1 کان 6 تائين جي ملازمن جو الائونس 4500 کان وڌائي 6 هزار رپيا ڪيو ويو جڏهن ته گريڊ 7 کان 10 تائين جي ملازمن جو الائونس 6 هزار کان وڌائي 8 هزار رپيا ڪيو ويو آهي.

اهڙي طرح گريڊ 11 کان 15 تائين جي ملازمن جو الائونس 6 هزار کان وڌائي 12 هزار ۽ گريڊ 16 کان 22 تائين جي سمورن ملازمن جو الائونس ڊبل ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب سپريم ڪورٽ جي ملازمن جو وڌايل الائونس پهرين مارچ 2021ع کان لاڳو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.