ڪوٽ غلام محمد:دعوت اسلامي پاران وڻڪاري مهم هيٺ شهر ۾500 ٻوٽيا لڳايا ويا

دعوت اسلامي جي امير مولانا الياس قادري جي ھدايت تي سڄي ملڪ ۾ وڻڪاري مھم جي سلسلي ۾ ڪوٽ غلام محمد شھر ۾ به دعوت اسلامي جي ڊويزن نگران افتخار عطاري ۽ SGRS جي نگران امير حمزا عطاري جي نگراني ۾ بينظير پبلڪ پارڪ , پوليس اسٽيشن , واٽر سپلاءِ سميت شھر جي مختلف مارڪيٽن ۽ دڪانن جي سامهون 500 کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويا،  ان موقعي تي دعوت اسلامي ڪوٽ غلام محمد جي نگران امير حمزا عطاري , افتخار عطاري, ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته دعوت اسلامي جي امير مولانا الياس قادري جي ھدايت تي پوري ملڪ ۾ وڻڪاري مھم جي شروعات ڪئي وئي،  ان سلسلي ۾ اڄ ڪوٽ غلام محمد ۾ به ٻوٽا لڳايا ويا آهن انشاالله اسان جي تحريڪ جي امير مولانا الياس قادري جي ھدايت تي انهن ٻوٽن کي وڻ ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.