هالا: لاڪ ڊائون تي عملدرآمد جاري، ڪاروبار۽ مختلف علائقا بند ڪرايا ويا

عالمي وبا ڪورونا جي چوٿين لھر کي مدنظر رکندي سنڌ حڪومت پاران 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون واري اعلان کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا ناھيد احمد ميراڻي. مختيارڪار ھالا نصرالله چاوڙو پوليس اٽالن سان گڏجي  ٻئي ڏينهن به شاھي بازار. ،طارق روڊ، . مھاجر چوڪ، . درگاھ روڊ.، ٿلھا روڊ، . باگڙي بازار، سميت مختلف علائقا پوليس جي مدد سان مڪمل طور تي بند ڪرائي ڇڏيا  جڏهن ته هالا پوليس شاهي بازار ۽ ٻين هنڌن تي کليل دڪانن تي ويٺل هڪ درجن کان وڌيڪ شهرين کي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.