ڪنڊياري ۾ لاڪ ڊائون، مزدور طبقو پريشان

ڪنڊياري (ن ع آ) ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي وڌندڙ چوٿين لھر سبب سنڌ حڪومت پاران 8 آگسٽ تائين اعلان تي عمل ڪندي ڪنڊياري ۽ اُن جي ڀر پاسي واري  علائقن ۾ ضلع سانگهڙ انتظاميا سميت پوليس ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيو مزدور طبقو پريشان حال ڪنڊياري پوليس لاڪ ڊائون تي مڪمل عمل ڪرائڻ واسطي لائوڊ اسپيڪر تي اعلان پڻ ڪرايو شهر ۾ مڪمل ڪاروباري مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا آهن جنهن ۾ ڪنڊياري جي ڀر پاسي ۾ ننڍن وڏن اسٽاپن بسي، نئوآباد موڙ، دلشاد شاخ ۽ حاجي محمد حيات وساڻ شامل آھن شهر ۾ ميڊيڪل اسٽور، امرجنسي اسپتال، سميت سبزي ۽ کير جا دڪان کليل آهن ٻئي پاسي لاڪ ڊائون جي صورتحال تي مزدور طبقو سخت  پريشان حال آھي چنو ڀيل سيون ڪمار علي بخش نائي چيو ته ٻچڙن شام اٽي لاءِ پريشان ٿي ويا آھيو خدارا حڪومت سار لهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.