اسلام ڪوٽ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي، 5 گرفتار 2 دڪان سيل

اسلام ڪوٽ (ت،ر) اسلام ڪوٽ ۾ ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ ۽ لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ لاءِ اي سي سميع اللّه سنجراڻي ايس ايڇ او قربان راڄڙ سان گڏجي شهر جو دورو ڪرڻ سان گڏ ڇاپا هنيا،اُنهي دوران ماسڪ بنا دڪانن تي ويٺل پنج ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻن دڪانن کي به سيل ڪيو ويو،بعد ۾ گرفتار ٿيلن ۽ سيل ٿيل دڪاندارن کي پهرين ۽ آخري وارننگ ڏيئي ڇڏيو ويو،اي سي پاران هوٽلن تي ڇاپا هنيا ويا. ۽ سخت ڪارروائي جون وارننگ ڏنيون ويون ۽ ماسڪ به ورهايا ويا،اُنهي سلسلي ۾ اي سي سميع الله سنجراڻي ٻُڌايو ته ڪورونا جي چوٿين لهر انتهائي خطرناڪ آهي،شهري حڪومتي پاليسين تي عمل ڪن،اسان عوام جون زندگيون بچائڻ خاطر سختيون ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.