روهڙي ۾ سنڌ حڪومت جا حڪم دڪاندارن ٿڏي ڇڏيا

سکر(رپورٽر) روھڙي ۾ ڪاروباري ماڻهن سنڌ حڪومت پاران  لاڪ ڊائون وارا احڪامات ھوا ۾ اڏائيندي روهڙي شھر جون مک بازارونکليل رکي سکر ضلعي انتظاميا جي رٽ کي ٿڏي پنهنجو ڪاروباري کليل رکيو،خبر موجب: سنڌ حڪومت پاران سنڌ اندر وڌندڙ ڪرونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ جزوي لاڪ ڊائون ۽ شھرين جي سھولت لاءِ ايس او پيز تحت احڪامات جاري ڪيا ھئا جيڪي روهڙي سميت روهڙي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروباري ماڻهن مختلف بازارون موٽر مڪينڪ مارڪيٽ، اسٽيشن چوڪ، مساڻ روڊ،لالا شھزادو چوڪ، شاھي بازار،صرافا بازار،ڍڪ بازار سميت شھر جي مختلف علائقن ۾ ننڍا وڏا ھوٽل سرعام کولي پنهنجو ڪاروبار ڪندا رھيا، ان سلسلي ۾ شھرين ممتاز ڀٽو،۽ ٻين جو چوڻ هو ته سکر ضلعي انتظاميا ۽ پوليس رڳو ننڍي ڪاروبار ڪندڙن ماڻهن کان ڪاروبار بند ڪرائي ٻچڙن لاءِ ٻن وقتن جي روزي ڪمائڻ وارو دروازو به بند ڪري ڇڏيو آهي، هنن وڌيڪ الزام ھڻندي ٻڌايو ته وڏا ڪاروباري مرڪز پوليس جي تعاون سان سرعام کولي پنهنجو ڪاروبار ڪري رھيا آھن، اھو لاڪ ڊائون صرف بي پھچ غريبن لاءِ آهي ۽ امير تجارت ڪري رھيا آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.