ن ليگ ملڪ دشمن سرگرمين ۾ رُڌل آهي: غلام سرور خان

ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ) هوابازي بابت وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ن ليگ قيادت اڄڪلهه ملڪ دشمنن سان ملاقاتن ۾ رُڌل آهي.

ٽيڪسلا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي غلام سرور خان چيو ته ن ليگ ملڪ دشمن سرگرمين ۾ مصروف آهي، نواز شريف جو موقف ملڪ دشمني تي ٻڌل آهي.

هن چيو ته مريم نواز والاريل ڪشمير لاءِ هڪ لفظ نه ڳالهايو، جڏهن ته آزاد ڪشمير جي عوام ن ليگ جي موقف کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پ پ جو مينڊيٽ تسليم ڪري ٿو، تنهن ڪري انهن کي به حوصلي کان ڪم وٺڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.