ڪورونا جي آڙ ۾ پاسيرو نه ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جسلو ضرور ٿيندو: راشد محمود سومرو

جمعيت علماء اسلام سنڌ جي  جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومري چيو آهي ته ڪورونا جي آڙ ۾ اسان کي پاسيرو نه ڪيو وڃي،   13 آگسٽ تي ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ضرور ٿيندو.

سڪرنڊ ۾ ضلعي شهيد بينظير آباد جي مجلس عمومي اجلاس کان پوءِ  صحافين سان ڳالهائيندي راشد محمود سومري چيو سنڌ حڪومت ڪورونا جو بهانو ڪري عوام جا اربين رپيا ڪڍرايا،  ڪاٺوڙ کان نياڻيون ۽ ٻچا پيرين پنڌ پنهنجن علائقن ڏانهن سواري نه هئڻ سبب نڪري پيا آهن . ڪورونا جي آڙ ۾ ماڻھن سان ويڌن ڪئي پئي وڃي .

هن چيو ته بلاول ۽  عمران خان  جلسه ڪن پيا، ڪورونا جي آڙ ۾ اسان کي پاسيرو نه ڪيو وڃي  ، 13 آگسٽ تي ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ضرور ٿيندو ،

ھن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن کان حساب ورتو وڃي  سنڌ ۾ ايتري ڌاري آباد ڪاري ڪئي وئي آهي جو مستقبل ۾  سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.