عادلپور: بابر ميرالي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

عادلپور ۾ سنڌ جي مشهور فنڪار شمن علي ميرالي جي ڀاڻيجي بابر ميرالي جي قاتلن جي گرفتاري لاء ڪامريڊ امتياز مهر،  ايڊووڪيٽ غلام عباس مهر،  حيدر سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس بابر ميرالي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي  سنڌ ۾ سنڌين کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي پر افسوس جو حڪومت هن مهل تائين ڪجھه به ناهي ڪيو ،

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بابر علي ميرالي جي قاتلن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.