لعلورائنڪ: پاڻي جي واري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا قتل

لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ بوهڙ ۾ پاڻي جي واري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو  جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا قتل ٿي ويا  جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

فوتين ۾  حب علي چانڊيو، فدا حسين بوهڙ، ۽  ابراهيم بوهڙ شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ صمد بوهڙ ۽ چانڊيا برادري جا ٻه ڄڻا شامل آهن جن کي  لاڙڪاڻي جي شعبه حادثات منتقل ڪيو ويو جن مان ٻن ڄڻ جي خالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي.

فائرنگ دوران ايم پي اي برهان خان چانڊيو پهچي ٻنهي ڌرين کي منٿون ڪري فائرنگ بند ڪرائي ۽ لاش کڻائي وارثن حوالي ڪيا.

برهان خان چانڊي جي هدايتن تي علائقي ۾ پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.