مانجهند: گذريل ڏينهن اغوا ٿيل ناريءَ جي بازيابي لاءِ ڳوٺاڻن جو ڌرڻو

مانجهند ڀرسان ڳوٺ شاه اويس قرني مان گذريل ڏينهن اغوا ٿيل تهمينا رونجهو جي وارثن پاران انڊس هاءَ وي تي سندس بازيابي لاءِ ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب سيوهڻ –ڄامشورو روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

ان موقعي تي وارثن امين الله،  مائي بچائي،  غلام حسين رونجهو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود هن وقت تائين نياڻي کي بازيابي ناهي ڪرايو ويو ۽ نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن سبب معصوم ٻارن سميت روڊن تي اچڻ  تي مجبور ٿي ويا آهيون هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.