حليم عادل ۽ ارباب رحيم ۾ ملاقات، سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ وزير اعظم جي معاون خصوصي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم وچ ۾  ملاقات ٻنھي اڳواڻن پاران ملاقات ۾ سنڌ اندر تبديل ٿيندڙ سياسي ماحول صورتحال ۽ ايندڙ لائحه عمل تي گفتگو ملاقات ۾ سينيئر سياستدان اڳوڻو ايم پي اي عليم عادل شيخ، ايم پي اي عبدالرزاق راھمون پڻ موجود ھئا ان موقعي تي وزيراعظم جي سنڌ اندر سياسي معاملن واري صلاحڪار ارباب غلام رحيم چيو ته سنڌ جي عوام جي بھتري لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي سان گڏ نه پر سنڌ جو غريب ۽ باشعور عوام اسان سان گڏ آهي جڏھن ته پي ٽي آئي جي مرڪزي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي عوام کي پيپلزپارٽي مان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ميدان ۾ آھيون سنڌ جي عوام کي جلد پيپلزپارٽي جي شڪل ۾ موجود وائرس مان جلد نجات ڏيارينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.