پاڪستان اسٽيل مل ۾ ڪرپشن: جوابدار وڌيڪ هڪ ڪيس مان بري

ڪراچي ( رپورٽر) احتساب عدالت اسٽيل مل جو تيار ڪيل اسٽيل گھٽ اگھه تي ڊيلر کي ڏئي اداري کي 31 ڪروڙ رپين جو نقصان رسائڻ جي  ڪيس مان 9 سالن بعد اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب شيخ، ڊائريڪٽر ڪمرشل ثمعين اصغر سميت 17 جوابدارن کي بي ڏوھي قرار ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو آھي،اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب شيخ سان گڏ ڊائريڪٽر ڪمرشل ثمعين اصغر، محمد رفيق، عبدالرزاق، احمد حسين جيواني ۽  محمد حامد مٿان الزام ھو ته ھنن اسٽيل ملز مان اسٽيل انتھائي سستي  اگهه  تي ڊيلرن  کي وڪرو ڪري قومي خزاني کي 31 ڪروڙ رپين جو نقصان رسايو، نيب پاران جوابدارن خلاف 22 شاھدن کي پيش ڪيو ويو، اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب شيخ ۽ ٻين خلاف مجموعي طور 9 ريفرنس داخل ڪيا ويا ھئا، جن مان 5 ريفرنسن ۾ اسٽيل ملز جو چيئرمين بري ٿي چڪو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.